23 آچر , سيپٽمبر 2018

ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير مهدي هنردوست ملاقات ڪري ڪاميابيءَ تي واڌايون ڏنيون. ملاقات ۾ ايراني سفير عمران خان کي ايراني صدر طرفان ڪاميابيءَ جو پيغام ڏنو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سان سهڪار ۽ ڀائيواري جا سمورا رستا کلندا. مهدي هنردوست موجب ايران علائقائي سهڪار ۽ ترقي ۾ ڀائيواري لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪستان سان واپار وڌائڻ جا به خواهشمند آهيون، پاڪ – ايران گئس منصوبي سان پاڪستان جو مستقبل تبديل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران منصوبي لاءِ پاڪستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي تجويز کي اهميت ڏني ويندي. ان موقعي تي عمران خان ايراني صدر طرفان مبارڪ پهچائڻ تي سندس ٿورا مڃيا. تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته اسان ايران سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان واپار جا خواهشمند آهيون، پاڪستاني معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ اسان جو اهم هدف آهي. هن چيو ته سلامتي جي تحفظ لاءِ ايران جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے