26 اربع , سيپٽمبر 2018

پلاسٽڪ جو ڪچرو موسمياتي جو سبب بڻجي رهيو آهي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) هن وقت پلاسٽڪ جو ڪچرو خشڪي ۽ پاڻي جي ذخيرن کي گدلو ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ نئين پريشان ڪندڙ خبر آهي آهي ته پلاسٽڪ جو ڍير مسلسل پيل رهيو ته ان مان گرين هائوس هائوس گيس جهڙي گيس خارج ٿي ويندي جيڪا گلوبل وارمنگ ۽ آب هوا ۾ تبديلي ( ڪلائميٽ چينج) جو سبب بڻجي سگهي ٿي. آمريڪا ۾ منووا وٽ موجود يونيورسٽي آف هوائي جي ماهرن چيو آهي ته هڪ ڀيرو استعمال ٿيل عام پلاسٽڪ زمين تي پئي پئي سڌو آب هوا ۾ تبديلي ( ڪلائميٽ چينج) جو سبب بڻجي رهي آهي. پر اهو انڪشاف رڳو اتفاق طور ٿيو آهي. يونيورسٽي جي شعبي خرد حياتي بحرياتي ( ميرين مائيڪرو بائيولاجي) جس سائسندان پروفيسر جيني رويور ۽ سندس ساٿين سامونڊي پاڻي مان قدرتي طور تي ميٿين جي اخراج تي جاچ ڪري رهيا  هئا ان جو نتيجو ان پلاسٽڪ جي ٿانَوَ جي ڪري تبديل ٿيڻ لڳو جنهن ۾ جاچ لاءِ سامونڊي پاڻي رکيو ويو هو. ان بعد هن پنهنجي تحقيق جو رخ موڙي مختلف پلاسٽڪ تي غور شروع ڪري ڇڏيو ۽ نوٽ ڪيو ته ڪهڙي قسم جي پلاسٽڪ ڪهڙي مرحلي تي ميٿين جهڙي گريس هائوس گيس خارج ڪندي آهي. ان بعد هن ست قسمن جي پلاسٽڪ کي الٽراوائيٽ شعاعن جي ماحول ۾ رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Most of the videos are watching videos on YouTube?

يوٽيوب تي واهپيدار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙيون ويڊيوز ڏسي رهيا آهن؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گوگل جي ويڊيو شيئرنگ سائيٽ يوٽيوب واهپيدارن لاءِ مواد دريافت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے