24 سومر , سيپٽمبر 2018

پرويز خٽڪ جي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست داخل

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ جي لاءِ اي اين پي جي پرويز احمد پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ڪي 61 تان اي اين پي جي اميدوار پرويز احمد طرفان درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ڪي 61 تي پرويز خٽڪ جي ووٽن جو انگ 20 هزار ڏيکاريو ويو آهي جيڪو اصل انگ کان مختلف آهي، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران پولنگ ايجنٽن کي ڪڍيو ويو هو.  درخواستگذار موجب ڳڻپ دوران 4 هزار کان وڌيڪ ووٽ رد ڪيا ويا، ان ڪري ان تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن، ريٽرننگ آفيسر نوشهره ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے