22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بونير کان ڪراچي ويندڙ بس حادثي جو شڪار، 13 ڄڻا فوت

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) بونير کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 45 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ڪوهاٽ ۾ مسافر بس ۽ ٽئنڪر وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار مسافرن مان 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 45 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر بس بونير کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جيڪا سماري ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے