23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: گاجي کهاوڙ: آبادگارن ۽ ڪڙمين جو  پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

Gaji Khuawar: Protest against water shortage*گاجي کهاوڙ ۾  آبادگارن ۽ ڪڙمين پاڻي جي کوٽ خلاف شهر جي مک بس اسٽاپ تي  احتجاج ڪيو .

مڱيو شاخ ۽ کهاوڙ شاخ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن منير کهاوڙ، جاويد چنو، علي گل چانڊيو، باقر علي کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته شاخن مان واري  اڏامي رهي آهي  هن مهل تائين پاڻي نه پهتو آهي.

  هنن چيو زرعي پاڻي نه هجڻ ڪري  سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آهن  ۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي .

 هنن مطالبو ڪيو ته کين  ترت زرعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے