21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميرپور ماٿيلو: جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ پاران چونڊ نتيجن خلاف ڌار ڌار احتجاج

Mirpur Mathello: Differential protests against election results for the J & A YiIميرپور ماٿيلي ۾ مرڪزي سڏ تي جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ پاران چونڊ نتيجن خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

گهنٽا گهر چوڪ تي مولانا اسحاق، محمد حنيف ۽ برڪت مهر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ جيان گھوٽڪي ۾ به تاريخي ڌانڌلي ڪئي وئي، تيجن کي تبديل ڪري هارايل اميدوارن کي کٽرايو ويو.

هنن چيو ته،پي ايس 21 تي ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍي ايم ايم اي جي اميدوار ڄام سيف الله ڌاريجو جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو،

سندن چوڻ هو ته آمريڪا جي ايجنڊا تحت علماء ڪرام کي اسمبلين کان ٻاھر ڪيو ويو آھي، عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻي عوام سان نا انصافي ڪئي وئي آھي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ٻيهر صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے