19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيب چيئرمين فواد حسن فواد ۽ اسحاق ڊار سميت ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ خلاف ضابطه قرضن جي ادائيگي ڪندڙن خلاف انڪوائري جي منظور ڏيندي پڌرائي جاري ڪري ڇڏي. پڌرائي موجب حڪومتي عهديدارن ۽ بين خلاف ضابطا گردشي قرض ادا ڪيا، 2013 ۾ خلاف ضابطا 480 ارب رپين جا گردشي قرض ادا ڪيا. پڌرائي موجب نيب فواد حسن فواد تي قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو به الزام آهي. ڪرپشن جي شڪايت تي انتظاميا نيلم جهلم پروجيڪٽ جي خلاف به انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، پي آءِ سي آفيسر ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جو الزام آهي انهن جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. پڌرائي ۾ نيب چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پشاور ميٽرو بس منصوبي ۾ ڪرپشن جي شڪايت جي تصديق ٿي آهي، جنهن تي پشاور ميٽرو بس منصوبي جي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. ان سان گڏوگڏ اسحاق ڊار، اڳوڻي پي ٽي اي چيئرمين انوشا رحمان خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. جوابدارن تي اين جي ايم ايس اي جو غير قانوني ٺيڪو ڏيڻ ۽ قومي ناڻي کي ڳرو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جي سينيٽر روبينا خالد، اڳوڻي اي ڊي لوڪ ورثو ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. جوابدارن تي من پسند ڪمپنين کي ٺيڪا ڏيڻ جو الزام آهي. نيب چيئرمين جي پڌرائي موجب سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته جوابدارن تي جهازن جي اوزارن جي خريداري جو ٺيڪو من پسند ڪمپنين کي ڏيڻ جو الزام آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي جاچ ڪميٽي ۾ سينيٽ کي به شامل ڪيو وڃي: اپوزيشن جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان جاچ لاءِ خاص …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے