21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد: ايم ڪيو ايم جي وفد جي عمران خان سان ملاقات جاري

ISLAMABAD: PML-N delegation accompanied Imran Khanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي وفد جي بني گالا ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات جاري  آهي. عام چونڊن ۾ اڪثريت ملڻ بعد تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ صلاح مشورا جاري آهن ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جهانگير ترين جي طرفان حڪومت ۾ شموليت جي دعوت تي عمران خان جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جو وفد خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان ملاقات لاءِ اسلام آباد پهتو جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل پڻ وفد سان گڏ ڪراچي کان روانو ٿيو هو. ايم ڪيو ايم ۾ خالد مقبول، عامر خان، ڪنور نويد جميل ۽ فيصل سبزواري شامل آهن، وفد عمران خان سان ملاقات کان اڳ جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عارف علوي ۽ عمران اسماعيل پڻ شريڪ هئا جڏهن ان دوران متحدا اڳواڻن پنهنجا مطالبا سندس سامهون رکيا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ايم ڪيو ايم جهانگير ترين سان ملاقات ۾ ڪراچي پيڪيج جي پرامن  طريقي سان عمل درآمد جي خاطري گهري آهي جنهن ۾ پاڻي، انفرااسٽرڪچر، صفائي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻيا عوامي مسئلا شامل آهن. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ سان ڪراچي ۾ پنهنجي آفيسون کولرائڻ جي خاطري گهري آهي جڏهن سنڌ اسمبلي ۾ ليڊر آف اپوزيشن ۽ گرينڊ اپوزيشن الائنس جوڙڻ لاءِ پڻ سهڪار جي گهر ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف کان ڪراچي بابت هر قسم جي معاملن تي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جهانگير ترين ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات بعد کين ساڻ ڪري بني گالا پهتو آهي جتي تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان متحدا جي اڳواڻن جي ملاقات جاري آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو وفد پنهنجا مطالبا عمران خان جي اڳيان رکندا ۽ کيس پنهنجي حمايت جي خاطر ڏياريندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے