21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان

India's Tennis Star announces to make a movie on Mirza's lifeممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستان اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهرواري ٽانيا مرزا جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيوويو آهي. ممبئي جي مرر جي رپورٽ موجب دنيا جي بهترين ٽينس اسٽار جي حياتي تي ٻڌل فلم ٺاهي ويندي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪيترائي ماڻهو ثانيا مرزا جي زندگي تي فلم ٺاهڻ چاهين ٿا پر آخرڪار روني سڪرووالا کي اها فلم ٺاهڻ جا حق ملي ويا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن فلم جي ڪهاڻي ۾ ثانيا مرزا جي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي  ڏيکاريو ويندو، جڏهن تمام جلد فلم جي هدايتڪار جو نالو به سامهون ايندو، جنهن بعد فلم جي ڪاسٽ جي ڳولا ڪئي ويندي. هن وقت تائين ثانيا مرزا جي ڪردار لاءِ ڪنهن به  اداڪارا جو نالو سامهون ناهي آيو جڏهن اهو پڻ پتو ناهي ته شعيب ملڪ جو ڪردار ڪير ادا ڪندو. ياد رهي ته ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ 12 اپريل 2010 ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن بعد هي ٻئي دبئي منتقل ٿي ويا هئا. ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ هلندڙ سال 23 اپريل تي پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي جلد ننڍڙي مهمان جي آمد جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد 24 اپريل تي ٽائمز آف انڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته ثانيا مرزا جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد آڪٽوبر ۾ ٿيندي. واضح رهي ته 2016 ۾ ثانيا مرزا جي زندگي تي هڪ ڪتاب پڻ شائع ٿيو هو جنهن نالو” ايس اگينسٽ آڊز“ رکيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے