20 خميس , سيپٽمبر 2018

احمد شهزاد کي وڌيڪ هڪ جهٽڪو، ڊيپارٽمنٽل ٽيم جي ڪپتاني تان به فارغ

Ahmed Shahzad also graduates from one of the most prestigious, departmental team's captainsلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ کان ٻاهر ٽيسٽ اوپنر احمد شهزاد کي ڊيپارٽمنٽل ٽيم حبيب بينڪ به کيس ڪپتاني تان فارغ ڪري ڇڏيو. ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ 26 ورهين جي ٽيسٽ اوپنر احمد شهزاد جو ستارو اڄ ڪلهه گردش ۾ آهي، مثبت ڊوپ ٽيسٽ اچڻ بعد پي سي بيءَ کيس نه رڳو معطل ڪيو پر زمبابوي جي دوري لاءِ ويندڙ ٽيم ۾ به شامل نه ڪيو. اهو ئي نه ٽيم ۾ لاڳيتو ڪوششن باوجود جاءِ ٺاهڻ ناڪام ٿيڻ بعد  فلحال قائد اعظم ٽرافي ۾ به سندس نالو امڪاني ۾ به شامل ناهي ڪيو ويو ۽ هاڻ کيس حبيب بينڪ ڊيپارٽمنٽل ٽيم جي ڪپتاني تان پڻ هٽائي ڇڏيو آهي. احمد شهزاد پاڪستان لاءِ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ اڪيلو بيٽسمين آهي، سندس نالو پي سي بي جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان پڻ ڪڍيو ويو آهي. ياد رهي ته احمد شهزاد ڊوپ ٽيسٽ جي وضاحت تي قانوني صلاح مشوري سان پنهنجو جواب ڪرڪيٽ بورڊ کي موڪلي ڇڏيو آهي. احمد شهزاد 13 ٽيسٽ، 81 ون ڊي ۽ 57 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ گرين شرٽس جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هن وقت تائين 3 سينچريون ۽ 4 ففٽيون، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 6 سينچريون ۽ 14 ففٽيون جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾  هڪ سينچري ۽ 7 ففٽيون اسڪور ڪيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے