24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪوهليءَ جو پهرين ٽيسٽ ۾ انگلش ڪپتان سان ڀوڳ، اشاري ۾ ڪجهه غلط نه هو: روٽ

Waiting for the England captain in the first test of Kohli, was not a fault in point: Rootبرمنگهم(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي انگلينڊ سان سريز ۾”مزاح“ جا رنگ ڀري ڇڏيا. ورات ڪوهلي جوئي روٽ کي رن آئوٽ ڪرڻ بعد ”فلائننگ ڪس“ ڪيو ۽ گڏ ئي”بيٽ ڊراپ“ جو اشارو پڻ ڪري ڇڏيو. انگلش ڪپتان چيو کيس ان ۾ ڪجهه به غلط نظر نٿو اچي پر راند ۾ ڀوڳ جو عنصر شامل ٿيو آهي. پهرين ٽيسٽ جي شروعاتي ڏينهن وڪيٽ ڪيپر جوني بيئراسٽو  مڊوڪيٽ واري پاسي شاٽ کيڏي سنگل مڪمل ڪيو، وري ٻي رنس وٺڻ لاءِ جو ئي روٽ ڊوڙ لڳائي ته ڪوهلي جي ڊائريڪٽ هٽ لڳڻ سبب هو رن آئوٽ ٿي ويو هو 80 رنسن جي انفرادي اننگز کيڏي واپس پويلين روانو ٿيو هو. ڀارتي ڪپتان ان وڪيٽ جو جشن دلچسپ انداز ۾ ملهايو، هن پهريان پنهنجي آڱر چپن تي لڳائيندي روٽ طرف”فلائنگ ڪيس“ اُماڻي ۽ پوءِ ”بيٽ ڊراپ“ جو اشارو پڻ ڪيو، اصل ۾ اهڙي طرح ڪوهلي روٽ کي پنهنجي خلاف هيڊنگلي ۾ کيڏيل ون ڊي ۾ سينچري مڪمل ڪرڻ واري حرڪت جو جواب ڏنو. جيتوڻيل ماڻهن ان تڪراري اشارو به قرار ڏنو آهي پر آخري اطلاعن تائين نيوزيلينڊ سان واسطو رکندڙ ميچ ريفري جيف ڪرو ان تي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن پاڻ جوئي روٽ پڻ ان حرڪت کي ڀوڳ ۾ ئي ورتو آهي. هن چيو آهي ته اڃان تائين ڪوهلي جي حرڪت کي ناهي ڏٺو، پر رات جو ويڊيو فٽيج ڏٺا، هن اصل ۾ راند ۾ ڀوڳ کي شامل ڪيو آهي، ڪجهه شيون جيڪڏهن حد اندر هجن سٺيو پڻ لڳنديون آهن، مان ڪوهلي جي اهڙي اشاري کي ڀوڳ ۾ وٺان ٿو،  مونکي يقين آهي ته پنجن ٽيسٽ ميچن سريز ۾ اسان کي اڃان ڪجهه ٻيون به دلچسپ شيون ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ روٽ واضح ڪيو ته هو ان کي ڪو وڏو اشو نٿو سمجهي پر ان سان ڪرڪيٽ وڌيڪ دلچسپ ٿيندي آهي، ماڻهو وڌيڪ شوق سان ٽيسٽ ميچون ڏسندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے