21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نئين وفاقي سرڪار ۽ ننڍن صوبن جا حق

پاڪستان ۾ 25 جولاءِ جي عام چونڊن کانپوءِ وفاق ۾ توڙي چئني صوبن ۾ الڳ الڳ حڪومتن جو قيام عمل ۾ اچڻو آهي. وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻيءَ ۾ گڏيل حڪومت ٺهي رهي آهي، خيبرپختونخواه ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پئي ٺهي، پنجاب ۾ ڪنهن جي حڪومت ٺهندي؟ ان ڏس ۾ ڪوششون جاري آهن، سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت پئي ٺاهي ۽ بلوچستان ۾ به گڏيل حڪومت لاءِ ڪوششون تيز آهن.

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو وفاق ۽ صوبن ۾ الڳ الڳ جماعتون حڪومتون ٺاهي رهيون آهن، ائين ماضيءَ ۾ به ٿيندو رهيو آهي، پر ماضيءَ ۾ ننڍن صوبن جي وفاق ۾ وڏي صوبي کان هڪ جهڙو ورتاءُ نه ٿيڻ جون شڪايتون پئي رهيون آهن، پاڻي هجي، ناڻو هجي، ترقياتي فنڊ هجن يا ٻيا معاملا، جن ۾ وفاق ۽ صوبا شامل هجن ٿا، تن ۾ صوبن خاص ڪري ننڍن صوبن کي وفاق طرفان ساڻن هڪ جهڙو ورتاءُ نه ڪرڻ جي شڪايت پئي رهي آهي.

سو ماضيءَ ۾ ڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي ڪڏهن مسلم ليگ نواز پاور يا اڻ چونڊيل حڪومتون اقتدار ۾ پئي رهيون آهن پر هن ڀيري فرق رڳو اهو آهي ته هڪ اهڙي جماعت، ننڍين جماعتن سان گڏجي، وفاق ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي، جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن به وفاقي سرڪار ۾ هن کان اڳ ناهي رهي، سو ٻين روايتي چيلينجن سان گڏوگڏ نئين حڪومت وفاق جي صوبن سان لاڳاپن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي چيلينج کي به منهن ڏيڻو پوندو.

گذريل حڪومت ۾ سنڌ کي شڪايت رهي ته وفاق ترقياتي منصوبن وغيره ۾ سنڌ سان اهڙو سلوڪ نه ٿو ڪري جهڙو رويو پنجاب سان رکي ٿو، پاڪستان چئن صوبائي وحدتن تي ٻڌل وفاق جو نالو آهي، سو وفاق ۾ جيڪو به حڪومت ۾ هجي، تنهن جو صوبن سان هڪ جهڙو ورتاءُ رکڻ قانوني ۽ آئيني فرض ٿئي ٿو پر ائين ٿيندي هن ملڪ ۾ گهٽ ئي ڏٺو ويو آهي.

گذريل وفاقي سرڪار سنڌ ۾ گذريل پنجن سالن دوران اهڙا ڪي وڏا منصوبا ڏيڻ ۾ ناڪام رهي، جيڪي ائين دنيا کي ڏيکاري پنهنجي ڪارڪردگي ڳڻائي سگهي ها، جيئن لاهور جي منصوبن جو حوالو ڏينئي ڪارڪردگي ڳڻائي پئي ويندي رهي آهي، گذريل وفاقي سرڪار سنڌ ۾ رڳو، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ لاءِ گرين لائين بس جو منصوبو ڏنو، جيڪو به گهربل ڌيان جي فقدان ۽ گهربل فنڊ وقت سر جاري نه ٿيڻ سبب وقت تي پورو نه ٿي سگهيو.

نواز ليگ جي وفاقي سرڪار پنج سال پورا ڪري وئي پر اهو هڪ منصوبو به سنڌ ۾ پورو نه ٿي سگهيو، نه رڳو ايترو پر ڪراچيءَ ۾ ڪي فور پاڻيءَ واري منصوبي لاءِ وفاق کي، سنڌ سرڪار کي پنهنجي حصي جا جيڪي فنڊ ڏيڻا هئا، سي به نه ملڻ جي سنڌ سرڪار کي شڪايت رهي. محسوس ائين پئي ٿيو ته وفاقي حڪومت ڄڻ وفاق ۽ چئني صوبن جي نه پر رڳو پنجاب جي هجي، ڇو جو ان جو سمورو ڌيان پنجاب جي منصوبن تي هو ۽ ٻين صوبن لاءِ عملي طور ايترو ٿيندي نظر نه آيو، جيترو پنجاب لاءِ.

ائين سنڌ ۾ وفاقي سرڪار جي آخري سال ۾ حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ ٺٽي لاءِ ترقياتي پيڪيج ڏنا ويا، پر جيئن ته اهي منصوبا اهڙي وقت ڏنا ويا، جڏهن حڪومت مدو پورو ڪري رهي هئي، سو اهي منصوبا، به اعلانن جي حد تائين ئي رهيا. ائين 2008ع ۾ جيڪا پ پ سرڪار وفاق ۾ قائم ٿي هئي، تنهن تي پنجاب ۾ بجليءَ جي کوٽ جو الزام هڻندي چيو ويندو هو ته اها ان ڏس ۾ سنڌ کي نوازي رهي آهي.

سو ماضيءَ ۾ آئيني حقن جي حاصلات تي صوبن ۾ واعدو ڪيل خودمختياري نه ملڻ جي معاملي تي به وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف پئي رهيا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي نئين سرڪار کي صوبن جون آئيني، قانوني ۽ جائز شڪايتون دور ڪرڻ کي هڪ چيلينج سمجهي کڻڻ گهرجي.

هتي گذريل ستر سالن کان رڳو حڪمرانن پاران پنجاب صوبي تي مهر جي نظر رکي پئي ويندي رهي آهي، جڏهن ته باقي صوبا پنهنجي جائز حقن کان به محروم پئي رکيا ويندا رهيا آهن، هڪ ته وفاقي سرڪاري سطح تي اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن ترقياتي فنڊن ۽ منصوبن جي حوالي سان ڪنهن به صوبي سان زيادتي ۽ ناانصافي ٿيڻ جو تاثر نه ملي. ٻيو ته 1973ع واري آئين تحت صوبن سان جنهن خودمختياريءَ جو واعدو ڪيو ويو، سا آئيني صوبائي خودمختياري، صوبن لاءِ يقيني بڻائي وڃي، نوڪرين جي ڪوٽا ۾ جيڪا صوبن سان زيادتي ٿيندي رهي آهي، هڪڙن صوبن جي ڪوٽا تي جيڪي ٻين صوبن جا ملازم ڀرتي ٿيندا، حقدار صوبن جو حق ماريندا رهيا آهن، تنهن حق تلفيءَ جو ازالو ڪرڻ جي به ضرورت آهي، اميد ڪري سگهجي ٿي ته هيءَ وفاقي حڪومت ماضيءَ جي وفاقي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ صوبن سان هڪجهڙو ۽ برابريءَ وارو سلوڪ رکندي ۽ ساڻن ترقياتي فنڊن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ به برابريءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو.

جمعو 3 آگسٽ 2018ع، 20 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے