24 سومر , سيپٽمبر 2018

هڪ کرب ڊالرن جي سيڙپ سان ”ايپل“ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سڀ کان اڳتي

The top of the "Apple" stock market with a curry scandalڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊيجيٽل اليڪٽرڪ ڪمپني ايپل جي قدر ۾ 1 ٽريلين( هڪ کرب) ڊالرن تائين وڃي پهتي آهي جنهن بعد اها آمريڪا جي سڀ کان وڌي پبلڪ ڪمپني بڻجي وئي آهي. ايپل ڪمپني جي اسٽاڪ ۾ گذريل ڏينهن 2ڏهائي 8 سيڪڙو جي واڌ ٿي ۽ سومر کان شروٿ ٿيندڙ تسلسل ۾ اها واڌ 9 سيڪڙو تائين پهتي. ايپل جي شيئرز ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ان وقت شروع ٿي جڏهن جون جي اڌ ۾ ڪمپني کي اميد کان وڌيڪ منافعو ٿيو ۽ هن پنهنجا 20 ارب ڊالرن جا شيئر پاڻ خريد ڪيا. جڏهن  ايپل ڪمپني موجب مارڪيٽ ۾ ۾ هن جا هن وقت چار اربن کان وڌيڪ شيئرز آهن. ياد رهي ته گذريل سال ايپل جو منافعو 229 ارب ڊالر هو جنهن بعد اها سڀ کان وڌيڪ منافعي واري ڪمپني بڻجي وئي هئي. آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ايپل ڪمپني بعد ٻي ڪمپني ايمازون آهي جنهن جي سيڙپڪاري تقريبن 880 ارب ڊالر آهي جڏهن ٽئين نمبر تي مائيڪرو سافٽ ڪمپني آهي. جيئن تي ايپل ڪمپني آءِ پيڊ، ايپل ڊيسڪ ٽاپ ۽ ليپ ٽاپ سميت ٻيون اليڪٽرانڪ شيون ٺاهيندي آهي پر ان جي ڪاميابي جو دارومدار آءِ فون تي آهي. ايپل آءِ ئي فون نون نون ماڊلن سان گڏ بهترين ٽيڪنالاجي پڻ فراهم ڪندي آهي، جيڪا واهپيدارن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پکين جي طرح پرواز سکڻ وارو روبوٽ گلائيڊر

سان ڊياگو(ويب ڊيسڪ) پکين جي پرواز اسان لاءِ 21 صدي ۾ به هڪ مثال بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے