19 اربع , سيپٽمبر 2018

چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ واري فلائٽ وڌيڪ دير جو شڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ شاهين ايئر جي فلائٽ وڌيڪ دير جو شڪار ٿي وئي. چين جي شهر گوانگ زو ۾ 29 جولائي کان ڦاٿل پاڪستاني مسافرن کي واپس آڻڻ لاءِ جهاز کي منجهند ڏيڍ وڳي گوانگ زو پهچڻو هو پر هاڻ فلائٽ رات ساڍي ڏهين وڳي پهچندي. ٻئي پاسي مسافرن کي پڻ فلائٽ  جي دير بابت آگاهه ڪيو ويو آهي جڏهن ته گوانگ زو ۾ ڦاٿل مسافرن جي انگ ۾ انهن مسافرن جي واڌ ٿي آهي جن 3 آگسٽ جي بڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. ياد رهي ته شاهين ايئر لائنز 29 جولائي تي گوانگ زو کان وطن واپسي واري فلائٽ اچتو منسوخ ڪئي وئي هئي جنهن بعد ويزا جو معدو ختم ٿيڻ سبب پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار پڻ مسافرن جي چين ۾ رهجي وڃڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کان اڄ جواب طلب ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے