18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٿرڙي محبت: پي ٽي آءِ  جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪارڪنن جو احتجاج

TharriMohbat: The protest against protesters of entering thePti leaders on the pti leadershipٿرڙي محبت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ  غلام عباس مهيسر‘ يعقوب مهيسر‘ ياسين مهيسر سميت پارٽي جي ستن اڳواڻن جي حملي جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو .

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڊاڪٽر فرمان جانوري‘ مهراڻ سومرو ۽ راجا سولنگي جي اڳواڻي ۾ شهر جي ناظم منگي چونڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اليڪشن واري ڏينهن قاضي عارف جي پولنگ تي ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر مٿان حملو ڪري کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  جنهن کي پاڙي وارن لڪائي سندس زندگي بچائي.

 هنن ٻڌايو ته پ پ وارن اٽلندو ڊاڪٽر عباس سميت اٺن اڳواڻن تي حملي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي کين بنا ڪنهن سبب جي گرفتار ڪيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ جي ڪاڪنن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ واسي احتجاج ڪن ٿا ته کين ملڪ دشمن سڏيو وڃي ٿو: ناصر شاهه

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروس کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته …

هڪ تبصرو

  1. ڊاڪٽر آزاد منگي

    تمام بهترين ڪوريج‘ عوامي آواز پنهنجي روايتن جي پاسداري ڪندي سنڌ جع هر ننڍي وڏي اشو کي کڻي ٿي جنهن لاءِ هوءَ کيرون لهڻين اسان کي اميد آهي ته عوامي آواز تمام جلد سيٽلائيٽ تي اچي ويندي ۽ پنهنجي ماروئڙن جي آواز کي وڌيڪ سگهاري نموني سان اعلي ايوانن تائين پهچائيندي رهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے