20 خميس , سيپٽمبر 2018

ايل او سي تي فائرنگ، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي کاتي طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ ڪري عورت کي شهيد ڪرڻ جتي ڀارتي جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. پرڌيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي فورسز طرفان ايل او سي جي مندل سيڪٽر تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 33 سالن جي پاڪستاني عورت شهيد ٿي وئي. ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي کاتي طلب ڪيو ويو ۽ پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان احتجاجي خط ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڏنو ويو. ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان جي پي سنگهه کي خط احتجاجي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فورس ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي ۽ 2018ع ۾ ڀارتي فورسز 1400 ڀيرا جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے