22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ملڪ ۾ 10 هزار دوائن جون قيمتون وڌائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ديسڪ) علاج جي ناڪافي سهولتن جي شڪار ملڪ ۾ 10 هزار دوائن جون قيمتون وڌائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ميان عتيق جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ اختيارين دوائن جي قيمتن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي انڪشاف ڪيو ته ڊريپ طرفان 10 هزار دوائن جون قيمتون وڌايون ويون آهن. ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر ثمينه سعيد چيو ته اسلام آباد ۾ ماهواري بنيادن تي دوائن جون قيمتون وڌنديون آهن جڏهن ته ڪميٽي چيئرمين ميان عتيق چيو ته ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) پنهنجي مرضي سان قيمتون وڌايون آهن، اسان جو مقصد ڪنهن انڊسٽري کي خراب ڪرڻ ناهي پر دوائن جي قيمتن تي اليڪشن وٺي سگهون ٿا ۽ دوائن جون قميتون واڌئڻ وارو ميڪنزم به بڻائي سگهجي ٿو. هيلٿ ڪميٽي جو چوڻ هو ته جيڪا دوا 18 رپين ۾ بڻجندي آهي ان کي 400 کان وڌيڪ قيمتي تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حنيف عباسي کي ڪجهه ٿيو ته سياسي مخالف ۽ پنجاب حڪومت ذميوار هوندي: گهر واري

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسيءَ جي گهر واري چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے