24 سومر , سيپٽمبر 2018

چونڊن واري ڏينهن آر ٽي ايس ۾ خرابي جي جاچ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چونڊن واري ڏينهن رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) جي ناڪامي جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان آر ٽي ايس جي خرابي جي جاچ لاءِ ڪابينا ڊويزن کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم جي خرابي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪابينا ڊويزن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ڪميٽي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ اين ٽي آءِ ايس بي جي ٽيڪنيڪي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن طرفان ڪميٽي ۾ آءِ ٽي سيڪيورٽي بورڊ ۽ پي ٽي اي جي ماهرن کي شامل ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ڪميٽي کي چئن هفتن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے