24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيراني پاڻي پيئڻ جا ڪيترائي فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خالي پيٽ يا نيراني پاڻي پيئڻ صحت لاءِ ڪيتري حد تائين فائديمند آهي؟ حقيقت ۾ اها جاپاني روايت آهي، جنهن ۾ صبح اٿندي ئي خالي پيٽ پاڻي پيتو ويندو آهي. ان حوالي سان ڪيتريون ئي تحقيقي رپورٽون سامهون آيون آهن ته اها عام عادت صحت لاءِ تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿيندي آهي، پوءِ هتي اهو ڄاڻو ته هڪ مهيني تائين ان عادت کي اختيار ڪرڻ ڪيتري حد تائين فائديمند آهي.

  1. تندرستي

تجربي دوران هڪ شخص کي روز نيراني پاڻي استعمال ڪرڻ جو چيو ويو ته هو پاڻ کي تندرست ۽ صحتمند سمجهڻ لڳو، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ جسم ۾ موجود زهريلي مواد ۾ گهٽتائي ٿي.

  1. ميٽابولزم ۾ بهتري

هڪ ٻي تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي ته ان جي نتيجي ۾ ماڻهن کي ٿوري دير کانپوءِ بک ناهي لڳندي، جڏهن ته جسماني توانائي وڌي ويندي آهي.

  1. سينو سڙڻ جي شڪايت ختم

جيڪڏهن ڪنهن کي سينو سڙڻ جي شڪايت رهي ٿي ته نيراني پاڻي پيئڻ سان ان مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته هر کاڌي کانپوءِ ان کي تيزابيت به نه ٿيندي.

  1. چمڙيءَ ۾ بهتري

اها عادت اختيار ڪرڻ سان ڪجهه ڏينهن اندر چهري تي ظاهر ٿيل چُٽا ۽ گهنج ختم ٿي ويندا آهن، جڏهن ته چمڙي صحتمند ۽ چمڪندڙ ٿي ويندي آهي.

  1. وارن ۾ بهتري

نيراني پاڻي پيئڻ سان نه رڳو وارن جي صحتمند واڌ ويجهه ٿيندي آهي پر اهي چمڪندڙ به ٿي ويندا آهن.

  1. مرضن جو خطرو گهٽ

اها عام عادت جسماني دفاعي نظام کي بهتر بڻائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ عام مرض جهڙوڪ زڪام، کنگهه ۽ بخار وغيرا جو امڪان گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته قبض مان به ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو.

عمل ڪيئن ڪجي؟

صبح جو ننڊ مان اٿي ڏند صاف ڪرڻ کان اڳ ٻه کان چار گلاس پاڻي پي ڇڏيو، جيڪڏهن توهان کي ايترو پاڻي پيئڻ ڏکيو لڳي رهيو آهي ته هڪ گلاس کان شروعات ڪيو ۽ آهستي آهستي ۾ ان ۾ واڌ ڪندا وڃو. پاڻي پيئڻ کانپوءِ 45 منٽن تائين ڪجهه به نه کائو، ان کانپوءِ نيرن ڪيو. نيرن، منجهند ۽ رات جي ماني کانپوءِ ٻن ڪلاڪن تائين پاڻي پيئن کان پاسو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Geo-identifier smartphone app in one hour

هڪ ڪلاڪ ۾ جيوڙن جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون ايپ

سانتا باربرا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن 100 ڊالرن جي هڪ سمارٽ فون ڪٽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے