23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: نصير آباد: پاڻي جي کوٽ خلاف پ پ شهيد ڀٽو جو احتجاج

Nasirabad: Protest against water shortage*نصيرآباد  ۾  پ پ شھيد ڀٽو پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن رسول بخش کوسو، مامو ابراهيم مسڻ، ممتاز ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نصيرآباد ۽ وارھ تعلقي ۾ پاڻيءَ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري علائقي جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.

 هنن الزام هنيو ته آپباشي عملدارن رشوت عيوض با اثر زميندارن کي دڪا لڳرائي ڏنا آهن جنهن ڪري هنن وٽ پاڻي نٿو پهچي .

 اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نصيرآباد ۽ وارھ تعلقي جي سمورين شاخن  ۾ ترت پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے