24 سومر , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ بي اين پي کان مرڪز ۾ حمايت لاءِ مدد گهري ورتي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف مرڪز ۾ وزارت عظميٰ لاءِ بلوچستان نيشنل پارٽي کان حمايت گهري ورتي.  تحريڪ انصاف جي وفد بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ يار محمد رند ۽ نعيم الحق شامل هئا. ان موقعي تي تحريڪ انصاف وزارت عظميٰ لاءِ بلوچستان نيشنل پارٽي کان مرڪز ۾ حمايت گهري ورتي جڏهن ته اختر مينگل 6 مطالبا پيش ڪندي چيو ته اسان جا 6 نقاطي مطالبا اهي ئي آهن جيڪي گذريل حڪومتن کان هئا.  ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته اسان تحريڪ انصاف سامهون بلوچستان جا پراڻا مسئلا رکيا آهن ۽ جيستائين مسئلا حل نه ٿيا ڪيا وڃن تيستائين بلوچستان جي ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته 6 اهم معاملن تي اڃا تائين ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو آهي جيڪڏهن هاڪاري جواب مليو ته اسان ايندڙ ملاقات لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق چيو ته عمران خان جي وزيراعظم طور ذميواري هوندي ته بلوچستان جي مسئلن جو حل ڪڍي جڏهن ته اسان ڪوششون ڪري رهيا  آهيون ته اختر مينگل ۽ عمران خان جي ملاقات ٿي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪمرانن عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وِڌي، گئس اگهن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيبملي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے