19 اربع , سيپٽمبر 2018

قسم کڻڻ کانپوءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪنداسين: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ قسم کڻڻ کانپوءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪنداسين. هڪ انٽرويو ۾ شهباز شريف چيو ته نواز شريف سان جيل ۾ ملاقات دوران کيس اليڪشن بابت مڪمل آگاهه ڪيو، هو پرعزم نظر اچي رهيو هو. هن چيو ته  قومي اسيمبليءَ ۾ قسم کڻڻ کانپوءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪنداسين ۽ احتجاج بابت نواز شريف کي آگاهه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هاڻي به آواز نه اٿاريو ته قوم معاف نه ڪندي، ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائڻ ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو ڪريڊٽ نواز شريف کان ڪير کسي نه ٿو سگهي. شهباز شريف اي پي سي ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے