25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسد عمر هاڻ کان ئي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن: نعيم الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت سخت بحران جو شڪار آهي، جنهن جي بهتري لاءِ اسد عمر هاڻ کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ سنڌ جي ٻي وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي، عمران خان جي خواهش آهي ته حڪومت ۾ اچي عوام جا مسئلا حل ڪيون، مسئلن جي حل لاءِ انقلابي قدم کڻنداسين. هن چيو ته ملڪي معيشت سخت بحران جو شڪار آهي، جنهن لاءِ اسد عمر صلاح مشورا ڪري رهيو آهي، عوام لاءِ خوشخبري آهي ته قومي وسيلا انهن تي ئي خرچ ٿيندا، اسد عمر هاڻ کان ئي معيشت جي بهتري لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. نعيم الحق چيو ته 5 سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، حڪومت فوري طور اهڙا قدم کڻندي، جنهن سان مسئلا گهٽجن. هن چيو ته عمران خان جي حلف برداري تقريب جي تياري موجوده حڪومت ڪندي، حلف برداري ۾ پرڏيهي سربراهن جي شرڪت جي حوالي سان اڃا ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر سارڪ ملڪن جي سربراهن جي شرڪت جو امڪان آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

معاشي حالتن جو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي، ميثاق جمهوريت هئڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے