25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو: آفتاب شيرپائو

پشاور (ويب ڊيسڪ) قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب احمد خان شيرپائو الزام هڻندي چيو آهي ته چونڊن ۾ ڪي پي جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. هن ٻين سياسي پارٽين کي دعوت ڏني آهي ته چونڊن ۾ ٿيل گڙٻڙ خلاف متحد ٿي اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي، عوام جي حقيقي مينڊيٽ جو تحفظ ضروري آهي. قومي عوامي پارٽي جي عهديدارن ۽ نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي اجلاس جي سربراهي ڪندي آفتاب شيرپائو اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ٻئي ادارا آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جو واعدو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. سندس چوڻ هو ته نتيجن سان ماڻهن ۾ غير يقيني واري ڪيفيت پکڙجي وئي آهي، تقريبن سڀني پارٽين 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته چونڊ عمل ۾ گڙٻڙ ٿي. آفتاب شيرپائو چيو ته نگران حڪومت قائم ٿيڻ کان وٺي آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ جي ذميواري تي ڌيان نه ڏنو، ڪي پي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر انهن نااهل ماڻهن کي ڏني وئي، جن گذريل 5 سالن ۾ صوبي جو حشر خراب ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم طرفان اهم قومي معاملن تي چئني وڏن وزيرن کي گڏ کڻي هلڻ جي خاطري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے