23 آچر , سيپٽمبر 2018

مني لانڊرنگ ڪيس: متحده باني خلاف برطانوي قانوني فرم کان خدمتون حاصل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي باني خلاف برطانوي قانوني فرم جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ايم ڪيو ايم جي باني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جاچ آفيسر ڪيس ۾ ٿيل هڪ اڳڀرائي بابت عدالت کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ڀرسان گهيرو تنگ ڪندي برطانوي قانوني فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، برطانوي قانوني فرم جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ان سلسلي ۾ جاچ ڪندڙن پاڪستان جو دورو به ڪيو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته ماضي ۾ برطانوي قانوني فرم جون خدمتون نه ٿيڻ سبب ايم ڪيو ايم باني بچندو رهيو، پر هاڻ جوابدار جي خلاف ٻين ملڪن مان به ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، هن وقت 69 بينڪ اڪائونٽن جي تفصيل سامهون اچي چڪي آهي جنهن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي فنڊن جو غلط استعمال ڪيو ويو، متحده جي قومي اسيمبلي ميمبرن، سينيٽرن ۽ ڊپٽي ميئر جي ذريعي رقم اماڻيندا رهيا، مني لانڊرنگ  ڪيس ۾ اڳڀرائي سان عدالت کي جلد آگاهه ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم باني ملڪ دشمن سرگرمين ۽ ڪراچي ۾ قتل غارت ۾ به ملوث آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب، رينجرز ۽ ٻين ادارن کان به ڄاڻ طلب ڪئي وئي آهي، پرڏيهي وزارت جي ذريعي ٻن ملڪن مان ڄاڻ گهرائي وئي آهي، برطانوي حڪومت ۽ متحده عرب امارات جي اختيارين کان به بينڪ ٽرانزيڪشن جو ريڪارڊ گهريو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے