25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: ايس يو پي چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، هڪ ڌر کي فائدو ڏنو ويو: جلال محمود شاهه

SUP rejects election results, one party was benefited: Jalal Mahmood Shah*ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چونڊ نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ۾هڪ ڌر کي فائدو ڏنو ويو آهي،جيڪڏهن ساڳي روش برقرار رهي ته هو مجبورن ٻيو رستو اختيار ڪندا.

ايس يو پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو جو اجلاس ۾حيدر منزل ڪراچي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.

اجلاس ۾سيد زين شاهه، پير خليل جان سرهندي، اعجاز سامٽيو، روشن ٻرڙو، ادريس چانڊيو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾2018 جي اليڪشن جو جائزو وٺڻ بعد چونڊ نتيجن کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته چونڊون مائيڪرو مئنيجڊ هيون، هڪ ڌر کي فائدو ڏئي سنڌ جو مئنڊيٽ پ پ کي پليٽ ۾رکي ڏنو ويو.

ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ ۾آر اوز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن ذريعي اليڪشن کي يرغمان بڻائي پ پ کي چوري ڪيل مينڊيٽ ڏياريو ويو.

هن چيو ته شفاف چونڊن جي دعوائن باوجود سندن اڪثريت وارين پولنگ اسٽيشنز تان سندن ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ کين فارم 45 به نه ڏنو ويو.

سيد جلال محمود شاهه چيو ته سيوهڻ مان پوسٽ بيلٽ پڪڙجڻ ۽ اليڪشن ڪميشن پاران جاچ نه ڪرڻ پڻ عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.

هن چيو ته ايس يو پي هميشه جمهوري قدرن جو احترام ڪيو آهي پر 2018 ع جي نتيجن کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته ڪجهه قوتون کين جمهوري عمل ۾ڏسڻ نٿيون چاهين.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ساڻن اها روش برقرار رهي ته سنڌ جي عوام جو جمهوري عمل تان ويساهه کڄي ويندو ۽ هو مجبورن اهو رستو اختيار ڪندا جنهن جي عوامي اڪثريت خواهشمند هجي.

سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته هو چونڊن ۾ڌانڌلي خلاف قانوني دڳ اختيار ڪرڻ سان گڏ عوام وٽ پڻ ويندا ۽ سنڌ جي قومي مفادن لاءِ هميشه عمل جي ميدان ۾رهندا.

اجلاس ۾ڊاڪٽر مشتاق شيخ، امير علي ٿيٻو، سيد غلام شاهه، مولا بخش لغاري، جڳديش آهوجا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے