24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڪير به سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي: نگران پرڏيهي وزير عبدالله هارون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون چيو آهي ته ڪير به سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي. تفصيل موجب پنهنجي بيان ۾ عبدالله هارون جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪئي، پاڪستان ۾ نئين جمهوريت حڪومت اقتدار سنڀالڻ واري آهي جڏهن ته ڪير به سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته سي پيڪ چين جي ون بيلٽ ون روڊ جو حصو آهي، چين پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ڇو ته چيني صدر پاڪستان کي پنهنجو گهرو دوست سمجهي ٿو. آءِ ايم ايف پيڪج کي سي پيڪ سان سلهاڙڻ درست ناهي، آءِ ايم ايف بيل آئوٽ پيڪيج تي آمريڪي بيان نامناسب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے