22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي آءِ ٽي اڳيان طلب، يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنس جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نيب اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ايف آءِ اي بي نالي اڪائونٽ مان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 32 ڄڻن خلاف جاچ ڪري رهي آهي، جن ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر به شامل آهن. ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خانگي بئنڪ جي اڳوڻي صدر حسين لوائي کي گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي چونڊن کان اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جاچ آفيسر اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر ٻنهي شخصيتن جي قانوني ٽيم پيش ٿي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ان ئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي هئي ته ٻنهي شخصيتن کي چونڊن تائين نه گهرايو وڃي. ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هن ڀيري گڏيل جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، کين 4 آگسٽ تي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. هوڏانهن نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ اويس مظفر خلاف چئن مختلف جاچن جي منظوري به ڏني وئي. پڌرائي موجب ايل ڊي اي جي آفيسرن ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس خلاف انڪوائري جي منظوري به ڏني وئي. نيب موجب ايل ڊي اي آفيسرن تي اورينج لائن ميٽرو ٽرين پراجيڪٽ ۾ بدعنواني جو الزام آهي، جڏهن ته ايل ڊي اي آفيسرن تي قومي ناڻي کي 4 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب اجلاس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ غلام مصطفيٰ ۽ ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ ثاقب سومري خلاف جاچ به منظوري به ڏني وئي. نيب پڌرائي موجب جوابدارن تي ملير ريور جي سوين ايڪڙ ايراضي غير قانوني الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي. اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ۽ ٻين تي قومي ناڻي کي 3 ارب رپيا نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه آئل اينڊ گئس ڪمپني جي آفيسرن خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته فيڊرل اردو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف به جاچ ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي سڀاڻي آمريڪا جي دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے