19 اربع , سيپٽمبر 2018

جي ميل تي اي ميل کي شيڊول ڪرڻ جلد ئي ممڪن ٿيندو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل جي ميل تي هاڻ ” اي ميل“ کي شيڊول ڪرائڻ جي سهولت متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. گوگل جو چوڻ آهي ته هو اينڊرائيڊ جي ” جي ميل ايپ“ ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪري رهيو آهي جنهن جي ذريعي هاڻ صارف ”ميلز“ کي شيڊول به ڪري سگهندا، ان فيچر جي تياري تي ڪم جاري آهي ۽ مستقبل ۾ ان ايپ ۾ اپ ڊيٽ ڪيو ويندو. ان فيچر جي باري ۾ ڄاڻ اُن وقت سامهون آئي جڏهن هڪ ڪوڊ جي استعمال جي ذريعي اي ميلز جي ”شيڊول سينڊ“ جي عمل کي ڪجهه ڀيرا استعمال ڪيو ويو، صارف هاڻ به مختلف طريقن سان ميلز کي شيڊول ڪري رهيا آهن پر باقاعده طور تي خاص فيچر جي ذريعي ان طريقيڪار کي آسان بڻايو ويو آهي. رپورٽ موجب اهو فيچر ڪمپوز آفشن جي برابر ۾ رکيو ويندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ جي صورت ۾ ميلز شيڊول ڪرڻ جي لاءِ وقت ۽ تاريخ سامهون اچي ويندي، صرف پنهنجي ڄاڻايل تاريخ ۽ وقت کي چونڊي اي ميل کي شيڊول ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے