19 اربع , سيپٽمبر 2018

غير اخلاقي ٻولي جو استعمال: پرويز خٽڪ اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چونڊ مهم دوران غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ تي تحريڪ انصاف اڳواڻ پرويز خٽڪ اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي. پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران مخالف پارٽي جي ووٽرن خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪئي وئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ان معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پرويز خٽڪ طرفان سندس وڪيل سڪندر بشير مهمند اليڪشن ڪميشن اڳيان پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس ۾ ناهي ٻڌايو ته ڪهڙي تقرير تي نوٽيس ورتو ويو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان توهان کي ويڊيو ڪلپ ڏيکاريون ٿا. اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران پرويز خٽڪ جي تقرير جي ويڊيو ڪلپ هلائي وئي. چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته پرويز خٽڪ پشتو تقرير ۾ جيڪو چئي رهيو آهي، تواهن اهو ٻڌو. چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته پرويز خٽڪ پنهنجي تقرير ۾ عورتن بابت انتهائي نامناسب گفتگو ڪئي. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر چيو ته توهان ان حوالي سان پرويز خٽڪ جو حلفي بيان جمع نه ڪرايو، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته اسان جواب سان گڏ حلفي بيان 24 جولاءِ تي جمع ڪرايو هو. ٻڌڻي دوران وڪيل سڪندر بشير پرويز خٽڪ طرفان تحريري جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ هن اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري. پنهنجي تحريري جواب ۾ پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته مان جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو غير اختياري هو، مان پنهنجي لفظن تي شرمندو آهيان ۽ غير مشروط معافي گهران ٿو. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ميمبر وڌيڪ اعتراض اٿاريو ته پرويز خٽڪ پاڻ به پيش نه ٿيو، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته پرويز خٽڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ پنهنجي لفظن تي وضاحت ڪندي معافي گهري چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن پرويز خٽڪ طرفان ميڊيا تي معافي گهرڻ جا تفصيل ۽ ويڊيو ڪلپ طلب ڪندي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے