19 اربع , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف جي سربراهي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، چونڊ عمل ۾ فوج سان سهڪار تي عوام جا ٿورا مڃيا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي سربراهي ۾ ڪورڪمانڊر ڪانفرنس ٿي گذري جنهن ۾ چونڊ عمل ۾ شرڪت، هٿياربند فوج سان سهڪار تي پاڪستان جي بهادر عوام جا ٿورا مڃيا ويا. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ چونڊ عمل ۾ شرڪت، هٿياربند فوج جي سپورٽ تي پاڪستان جي بهادر عوام جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف چونڊ عمل دوران شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف چونڊن ۾ پاڪ فوج جي خدمتن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن جي مدد تي فيلڊفار ميشنز  ۽ آرمي اليڪشن سينٽر جي به ساراهه ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے