23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوزيلينڊ  پاڪستان جي دوري جي آڇ رد ڪري ڇڏي

New Zealand declined to visit Pakistanويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي پاڪستان ۾ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سريز ڪرائڻ واري آڇ رد ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين گريگ بارسلي جو چوڻ آهي ته بورڊ ان ڳالهه کان آگاهه هو ته فيصلي سان پي سي بي کي مايوسي ٿيندي پر ان باوجود اهو ئي فيصلو ڪيو ويو آهي.گريگ بارسلي چيو ته اهڙو فيصلو صلاح مشوري ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان ملندڙ رپورٽن بعد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پي سي بيءَ کي مايوسي ٿي آهي ڇو ته نيوزيلينڊ جهڙي ٽيم جي دوري سان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي پروگرام جي مڪمل واپسي طرف اڳڀرائي جي اميد هئي. دوري کان انڪار جي وضاحت ڪندي هن چيو ته پي سي بي کي مايوسي ٿي آهي پر هو سٺا ماڻهو آهن اسان جا پاڪستان سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ منهنجو خيال آهي ته هو اسان جي فيصلي کي تسليم ڪندا.  واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽمين وچ ۾ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ 3 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سريز گڏيل عرب امارتن ۾ شيڊول آهي. نيوزيلينڊ 2003 ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سريز بعد هن وقت تائين پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو جڏهن نيوزيلنڊ ڪرڪيٽ ته ٽيم هڪ سال بعد ڪراچي ۾ ٽيم جي هوٽل ڀرسان ٿيندڙ ڌماڪي سبب پنهنجو دورو اڌ ۾ ڇڏي واپس هلي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sarfraz Ahmed and Mickey Arthur have decided to retain the World Cup: Ehsan Manai

سرفراز احمد ۽ مڪي آرٿر کي عالمي ڪپ تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي: احسان ماني

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے