21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پنجاب جي وڏ وزارت ۽ ڪابينا لاءِ پي ٽي آءِ جا نالا سامهون اچي ويا

The Chief Minister of Punjab and the Cabinet have got the names of the PML-N namesلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ وڏ وزارت ۽ ڪابينا لاءِ پي ٽي آءِ جا نالا سامهون اچي ويا. عام چونڊن ۾ پنجاب مان ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيون ۽ ٻنهي پارٽين جي طرفان صوبي ۾ حڪومت سازي لاءِ ڇڪتاڻ جاري آهي، ٻئي پارٽيون سادي اڪثريت جي دعويٰ ڪري رهيون آهن پر ان باوجود اڃان تائين ڪا به حمتي صورتحال واضح ناهي ٿي سگهي. پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ پڻ تحريڪ انصاف لابنگ جاري آهي ۽ هاڻ صوبي جي سربراهه لاءِ پي ٽي آءِ جا نالا سامهون اچي ويا آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب تحريڪ انصاف جي پنجاب جي وڏي وزير واري فهرست ۾ ياسر همايون ۽ ميان اسلم اقبال جا نالا شامل آهن جڏهن نيب نوٽيس سبب وڏ وزارت لاءِ مضبوط اميدوار سمجهو ويندڙ عليم خان جا ان منصب تي ويهڻ جا امڪان گهٽ ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جو نالو پڻ وڏوزارت لاءِ اڃان تائين فائنل ناهي ٿي سگهيو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پنجاب ڪابينا لاءِ پڻ ڪيترائي نالا سامهون آيا آهن جن ۾ ياسمين راشد کي صحت جي وزير ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ميان محمود الرشيد کي سينيئر وزير بڻائڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سبطين خان، راجا بشارت، ميان وارث ۽ مخدوم هاشم جواب بخت جا نالا پڻ وزيرن جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے