22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پيپلز پارٽي ءَ ايم ڪيو ايم کي وفاقي يا سنڌ حڪومت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو آپشن ڏئي ڇڏيو

PPP PMMM Federal or Sindh government gave the option to choose oneڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي حڪومت سازي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم بابت وڏو فيصلو ڪري ورتو ۽ کين وفاق يا صوبائي حڪومت مان ڪنهن  هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو آپشن ڏئي ڇڏيو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ايم ڪيو ايم بابت فيصلي کان سندن قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جو حصو بڻي ته کين سنڌ ڪابينا ۾ نه کنيو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ ۽ تحريڪ انصاف سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ ٿئي انڪري ايم ڪيو ايم کي وفاقي يا سنڌ حڪومت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. واضح رهي ته عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي سنڌ اسمبلي ۾ 16 جڏهن ته قومي اسمبلي ۾ 6 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو تحريڪ انصاف کين وفاقي حڪومت ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي جڏهن ان حوالي سان اڃان تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے