19 اربع , سيپٽمبر 2018

ويسٽ انڊيز پهرين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

West Indies defeated Bangladesh in the first  match against Bangladeshسينٽ ڪٽس(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت بنگلاديش کي آساني سان 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آمريڪا ۾ کيڏي ويندڙ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سريز جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته ميچ برسات سبب متاثر ٿيو جنهن بعد راند کي 11 اورن تائين محدود ڪيو ويو. ڊڪ ورٿ لوئس قانون موجب ويسٽ انڊيز کي 91 رنسن جو ٽارگيٽ مليو جيڪو ويسٽ انڊين بيٽسمينن آساني سان 9 ڏهائي 1 اور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي آندري رسل کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ويسٽ انڊيز طرفان آندري رسل 35 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته پاويل پڻ 15 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ٻين بيٽسمينن ۾ مارلن سيموئلز 26، آندري فليچر 7 ۽ ايون ليوس 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ان کان اڳ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ بنگالي ٽائگرن طرفان محمد الله 35، ليٽن داس 24، ڪپتان شڪيب الحسن 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ويسٽ انڊيز طرفان ڪوڪ وليم شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 بنگالي بيٽسمين کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے