20 خميس , سيپٽمبر 2018

مخالف ڌر پارٽين سڀاڻي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي

Opposition party parliamentary party called All Parties Conference اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر جي پارٽين سڀاڻي شام آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي.نجي ٽي وي چينل موجب ن ليگ ۽ متحده مجلس عمل پاران سڀاڻي شام چئن وڳي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي آهي، جيڪا ايم ايم اي اڳواڻ ميان اسلم جي رهائشگاهه تي ٿيڻ جو امڪان آهي، پر اي پي سي لاءِ حتمي هنڌ جو اعلان اڃا تائين ناهي ڪيو ويو.اي پي سي ۾ ن ليگ، پ پ پ، متحده مجلس عمل، پشتونخوا ميپ، قومي وطن پارٽي ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ شامل ٿيندا. جڏهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم، پاڪ سرزمين پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) ۽ ٻين کي به دعوت ڏني وئي آهي.اي پي سي ۾ قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ گڏيل طور تي اميدوار نامزد ڪيا ويندا، جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ جو نالو به طئي ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے