19 اربع , سيپٽمبر 2018

راڻا ثناءَ الله جي ڪاميابي برقرار، عابد شير علي جي سيٽ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 106 فيصل آباد ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد مسلم ليگ ن جي اميدوار راڻا ثناءَ الله جي ڪاميابي برقرار آهي جڏهن عابد شير علي جي تڪ تي ووٽن جي ڳڻپ جو عمل اڄ به جاري رهندو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نثار جٽ جي درخواست تي اين اين 106 فيصل آباد ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ وارو عمل گذريل ڏينهن مڪمل ڪيو ويو جنهن بعد غير سرڪاري نتيجن موجب راڻا ثناءَ الله کي 2 هزار 238 ووٽن جي برتري حاصل ڪري ڪامياب قرار ڏنو ويو . ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بعد راڻا ثناءَ الله جي مجموعي ووٽن جو انگ هڪ لک 6 هزار 137 آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جو اميدوار نثار جٽ هڪ لک 3 هزار 899 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. ٻئي پاسي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 108 فيصل آباد 8 تان شڪست کائيندڙ ن ليگي  اميدوار عابد شير علي جي درخواست تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ اڄ به جاري رهندي. ان تڪ تي پي ٽي آءِ اميدوار فرخ حبيب هڪ لک 12 هزار 740 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن عابد شير علي هڪ لک 11 هزار 529 ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو، اهڙي طرح کيس هڪ هزار 211 ووٽن تان شڪست ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ جي سهولت واري معاملي تي الڪيشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسمبلي جي 11۽ صوبائي اسمبلي جي 25 تڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے