22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي ڪاميابي قوم جي ڪاميابي آهي: شيخ رشيد

Imran Khan's Successful Nation Successfully: Sheikh Rashid اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انصاف ۽ جمهوريت لاءِ پوري قوم کي عمران خان سان گڏ بيهڻو پوندو، عمران خان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سپريم ڪورٽ ۾ اين اي 60 تي چونڊ بابت ٿيل ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اين اي 60 تي منهنجو هڪ مخالف اميدوار نااهل ٿي ويو، جڏهن ته ٻين اميدوارن جي اڪثريت منهنجي حق ۾ هٿ کڻي وئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪو ڪجهه مون سان ڪيو، اهو مان وساري ويٺو آهيان، اين اي 60 تي جڏهن ته چونڊ ٿيندي ته راشد شفيع منهنجو اميدوار هوندو.هن چيو ته چيف جسٽس پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ آرمي چيف جي ڪري ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿيون ۽ 14 آگسٽ تائين عمران خان وزيراعظم واري عهدي جو حلف کڻي وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے