26 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ گرميءَ جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد اسڪول کلي ويا

Schools were closed after summer disputes in Sindh, Balochistan and KPڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ گرمين جو موڪلون ختم ٿيڻ بعد تعليمي ادارا کُلي ويا. سنڌ ۾ اڍائي مهينن جي موڪلن بعد اڄ سڄي صوبي جا اسڪول کلي ويا جڏهن ته موڪلون ختم ٿيڻ بعد پهريون ڏينهن هئڻ ڪري اسڪولن ۾ حاضري معمول کان گهٽ آهي. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان گرمين جون موڪلون 15 جولائي تي ختم ٿي ويون هيون پر چونڊن سبب ان ۾ وڌيڪ 15 ڏيههن جي واڌ ڪئي وئي هئي ۽ اهڙي طرح صوبي ۾ اڍائي مهينن تائين اسڪول بند رهيا. بلوچستان جي گرم علائقن ۾ پڻ گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ بعد اسڪول کلي ويا، بلوچستان جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي جي گرم علائقن 17 ضلعا شامل آهن هن ۾ سبي، لسٻيلا، گوادر، تربت، جعفر آباد، نصير آباد، جهل مگسي سميت ٻيا ضلعا شامل آهن. ڪي پي ڪي ۾ پڻ سرڪاري اسڪول اڄ کلي ويا آهن ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻين اسڪولن جو رخ ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے