19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: چونڊن ۾ آيل نتيجا ڪي اپ سيٽ نه پر پري پلان آهن: مبارڪ ڀٽي

Election results in any set up pre-plan are: Mubarak Bhattiسنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي چيو آهي ته عام چونڊن ۾ آيل نتيجا ڪي اپ سيٽ نه پر پري پلان ٿيڻا هيا، چونڊن کان اڳ هڪ پارٽيءَ کي ڀت سان لڳايو ويو

عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ٽيون رخ ۾ ميزبان زاهد ميراڻيءَ سان ڳالهائيندي ايس ٽي پي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي چيو ته هڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ هو مشڪل سان  60- 70 سيٽون کٽي سگهندا پر ان جي ابتڙ ان پارٽيءَ  گهڻيون سيٽون کٽيون آهن

هُن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ صورتحال ڪجهه مختلف آهي. سنڌ ۾ جيڪي پارٽيون  پ پ جون مخالف آهن اهي عوام تائين نه پهتيون آهن تنهنڪري انهن کي موٽ نه ملي سگهي آهي،

 پروگرام ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي اڳواڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پارٽيءَ ۾ جمهوري روايت نڀائيندا رهيا آهيون، ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جيڪا استعفى ڏني آهي ان جو مقصد پارٽيءَ کي وڌائڻ آهي، پارٽيءَ ۾ صرف ڊاڪٽر قادر مگسي نه آهي ٻيا به ڪيئي ڪارڪن آهن جيڪي پارٽيءَ کي هلائي سگهن ٿا،

سندس چوڻ هو ته اسين سمجهون ٿا ته اسان جي پارٽي عوام تائين پهتل آهي ۽ هاڻي ايندڙ سالن ۾ نئين جذبي سان پهچنداسين، جڏهن ته چونڊن ۾ اسان کي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ هلايل تحريڪ جي سزا ڏني وئي آهي.

پروگرام ۾ فون لائين تي ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سيد شاهه محمد شاهه هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته مسلم ليگ ن 2014 کان جنگ وڙهي رهي آهي ۽ هاڻي ته مسلم ليگ ن کلئي نموني جمهوريت لاءِ جنگ ڪري رهي آهي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے