25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چونڊون شفاف ٿيون، ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن: عائشا گلالئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف گلالئي جي چيئرپرسن عائشا گلالئي چيو آهي ته عام چونڊون ٿيڻ پاڪستان جي ڪاميابي آهي، صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي فوج ۽ اليڪشن ڪميشن کي سلام پيش ڪيان ٿي، چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشا گلالئي چيو ته اسان کي جمهوري عمل بچائڻو آهي، ڇو ته اهو ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، ڌانڌلي جي حوالي سان سياسي پارٽين جا الزام بي بنياد آهن. سندس چوڻ هو ته چونڊون شفاف طريقي سان ڪرايون ويون، اسان چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان ضمني چونڊن ۾ به حصو وٺنداسين ۽ سڄي ملڪ ۾ پنهنجون آفيسون کولينداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت اچي وئي آهي، هاڻ هڪ سال اندر عوام سان ڪيل واعدا نڀايا وڃن. عائشا گلالئي چيو ته مان پنهنجي چونڊ مهم پيءُ جي رٽائرمينٽ جي پئسن مان هلائي، چونڊون شفاف ٿيون پر تحريڪ انصاف پئسو خرچ ڪيو، جنهن سبب مون کي شڪست ملي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے