19 اربع , سيپٽمبر 2018

جي ڊي اي طرفان تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته اسان تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو. سندس چوڻ هو ته عوام عمران خان تي يقين ڪري کيس ووٽ ڏنو، اسان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ڪا رنڊڪ پيدا نه ڪنداسين. پير پاڳاري مطالبو ڪيو ته تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي، عمران خان کي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جي ڊي اي تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، سنڌ ۾ به عمران خان مڪمل سپورٽ ڪيون ٿا. جي ڊي اي سربراهه چيو ته سنڌ ۾ هڪ تڪ تان اسان جي اميدوار جا 12 کان 13 هزار ووٽ رد ڪيا ويا، چونڊن کان اڳ چيو هو ته سنڌ جي آفيسرن جي بدلي ڪئي وڃي پر ائين نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ويو، سنڌ جو عوام ڪيستائين ناانصافي برداشت ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے