19 اربع , سيپٽمبر 2018

آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ: نيب عليم خان ۽ چوڌري ڀائرن کي طلب ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان، ق ليگ اڳواڻن چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي کي طلب ڪري ورتو آهي. نيب لاهور طرفان تحريڪ انصاف اميدوار عليم خان کي 8 آگسٽ جي صبح 11 وڳي طلبي جو نوٽيس ڏنو ويو آهي. عليم خان جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ هو اڳ به ٻه ڀيرا نيب اختيارين اڳيان پيش ٿي چڪو آهي. هوڏانهن ق ليگ اڳواڻن چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي کي به نيب لاهور 16 آگسٽ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. نيب ۾ چوڌري ڀائرن جي اثاثن بابت به جاچ ٿي رهي آهي ۽ انهن جي اثاثن جا ذريعا آمدني موجب ناهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ : بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون مڪمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ننڍي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے