21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سرڪاري گهرن جي غير قانوني الاٽمينٽ: ٻڌڻي هيٺ ڪيس 15 ڏينهن ۾ اُڪلائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار سرڪاري گهرن جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ 197 سرڪاري گهر خالي ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته 180 گهر خالي ڪرائي رهيا آهيون. ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پوليس جي قبضي هيٺ معاهدو ٿيو آهي، جنهن تي نيئر رضوي ٻڌايو ته هائوسنگ وزارت ۽ پوليس ۾ معاهدو ٿيو آهي، جنهن موجب فليٽ پوليس کي الاٽ ڪيا ويندا ۽ اسلام آباد پوليس سي ڊي اي کي ادائيگي ڪندي. چيف جسٽس چيو ته حقدار ماڻهو گهرن کان ٻاهر ويٺا آهن، پاڻمرادي نوٽيس جو مقصد غير قانوني قبضن وارا گهر خالي ڪرائڻ آهي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته خالي ڪرايل گهر حقدار ملازمن کي الاٽ ڪيا ويا آهن، ان معاملي تي 71 ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. عدالت ٻڌڻي هيٺ ڪيس 15 ڏينهن ۾ اُڪلائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن لاڳاپيل جج موڪل تي آهن ته ڊيوٽي اي اسپيشل جج فيصلو ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے