19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو آدم: نوجوان جي قتل ۾ زال ۽ سندس چاهيندڙ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف

Tando Adam: The involvement of a woman and the involvement of her husband in the mٽنڊي آدم ڀرسان نوجوان جي قتل ۾ زال ۽ سندس چاهيندڙ جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

باب شاهنواز جوڻيجو ڀرسان 24 ورهين جي نوجوان اصغر آرائين جي قتل ۾ زال نورين ۽ سندس چاهيندڙ عظيم آرائين جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو.

هوڏانهن سٽي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي قتل ۾ استعمال ٿيل خنجر سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته طور ڪالوني ۾ مقتول جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس زال نورين کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ اي ايس پي سٽي ٽنڊو آدم حسن جاويد ڀٽي ٻڌايو ته جوابدار عظيم آرائين ۽ مقتول جي زال نورين ٻئي ڪراچي جا رهواسي آهن جتي ڪجھه وقت کان سندن وچ ۾لاڳاپا هلي رهيا هئا.

هن چيو ته نورين جي شادي هڪ مهينو اڳ ٽنڊي آدم واسي اصغر علي آرائين سان ٿي هئي جنهن مان هوءَ ناخوش هئي، هن پنهنجي چاهيندڙ کي ٽنڊي آدم گهرائي پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو.

سندس چوڻ هو ته هو موبائل جي سي ڊي آر ذريعي قاتل تائين پهتا، پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن پنهنجي ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے