19 اربع , سيپٽمبر 2018

فٽبال کيڏڻ سان وڏي ڄمار جي ماڻهن جون هڏيون مضبوط ٿينديون آهن: تحقيق

ڊنمارڪ(ويب ڊيسڪ) يونيورسٽي آف سدرن ڊنمارڪ ۽ يونيورسٽي آف فيريو آءِ لينڊز جي ماهرن چيو آهي ته فٽ بال کيڏڻ جو عمل وڏي ڄمار کان وٺي پيرسن ماڻهن جون هڏيون مضبوط ڪندو آهي. تحقيق موجب هڪ پاسي ان سان دلي صحت بهتر ٿيندي آهي ته ٻئي پاسي هڏين جي مضبوطي تي سٺا اثر پوندا آهن. ڊنمارڪ سدرن يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ريسرچ پروجيڪٽ جي ليڊر مينگي موهر پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته پڙهائپ ۾ هڏين جي ڪمزور ٿيڻ سبب انهن ۾ فريڪچر جي شرح وڌي ويندي آهي ۽ شگر ٽائپ ٽو يا شگر جي ڪناري تي پهچندڙ بزرگن ۾ ان جو خطرو وڌي ويندو آهي. ان ضمن ۾ فٽبال کيڏڻ ۽ مناسب غذا سان هڏين جي مرضن جو خطرو گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان ريسرچ جي لاءِ ماهرن 55 کان 70 ورهين  جي اهڙن ماڻهن کي چونڊيو جيڪي شگر جو شڪار هئڻ وارا هئا ۽ 16 هفتن تائين انهن کي فٽبال جي مشق ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے