19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪوڙين خبرن ۽ خراب ٻولي جي خاتمي جي لاءِ ٽوئيٽر ڪاليج جا پروفيسر ڀرتي ڪندو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا جي غير معمولي مقبوليت کان پوءِ هڪ پاسي ته هي ڪوڙين خبرن ۽ افواهن جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي ته ٻئي پاسي عوام اندر جي باهه ڪڍڻ جي لاءِ ان کي نفرت جوڳي ٻولي سان ڀري ڇڏيو آهي. انهيءَ تحت ٽوئيٽر اعليٰ تعليم يافته پروفيسرن کان ان جو حل پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ٽوئيٽر يونيورسٽين جي استادن ۽ پروفيسرن کي چيو آهي ته هو سڄي ٽوئيٽر جو ڊجيٽل  آڊٽ ڪري ٻڌائين ته آخر غير مهذب ٻولي، غلط خبرون ۽ افواهه ڪٿان پيا اچن. ان جي لاءِ ٽوئيٽر پروفيسرن کان عمل جوڳن منصوبن جون تجويزون پيش ڪرڻ جو به چيو آهي. هن وقت تائين مختلف ماهرن ٽوئيٽر کي 230 عملي منصوبا يا پروپوزل پيش ڪيا آهن جنهن مان نيويارڪ جي سيراڪيوس يونيورسٽي جي ٻن ۽ اٽلي جي بوڪوني يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن جا پروپوزل قبول ڪيا ويا آهن. اهي سمورا ماڻهو اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جا ماهر به آهن. انهن يونيورسٽين جا ٽي پروفيسر لائيڊن يونيورسٽي، هالينڊ جو پروفيسر ريبيڪا ٽراپبي جي نگراني ۾ ڪم ڪندا جيڪي سياست ۽ سوشل ميڊيا جا ماهر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ جي سهولت واري معاملي تي الڪيشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسمبلي جي 11۽ صوبائي اسمبلي جي 25 تڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے