21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عمران خان طرفان چار سيٽون ڇڏي ميانوالي جي سيٽ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکي ٻيون سيٽون ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عمران خان لاهور، ميانوالي، ڪراچي ۽ اسلام آباد جي سيتن تان ڪاميابي حاصل ڪئي پر هن پنهنجي اباڻي سيٽ ميانوالي رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته چار سيٽون ڇڏي ڏيندو.  عمران خان جو چوڻ آهي ته مان ميانوالي جي ماڻهن سان واعدو ڪيو آهي ته اها ئي سيٽ رکندس جڏهن ته عمران خان کي لاهور جي سيٽ رکڻ جو مشورو ڏنو ويو جيڪو هن رد ڪيو. ٻئي طرف عمران خان طرفان ميانوالي جي سيٽ رکڻ جي تصديق سندس ڀاڻج حسن نيازي به ٽوئيٽر تي ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي پيغام ۾ حسان نيازي چيو ته  عمران خان پنهنجو واعدو نڀائي ڇڏيو آهي، هن ميانوالي جي سيٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اين اي 131 تي ٻيهر چونڊ ٿيندي ۽ امڪاني طور ٻن کان ٽن مهينن اندر چونڊ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے