22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان کي قسم کڻڻ کانسواءِ وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيڻ خلاف پٽيشن داخل

لاهور( ويب ڊيسڪ ) قسم کڻڻ کانسواءِ عمران خان کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ڏيڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان کي وزيراعظم جو پروٽوڪول ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست لائرز فائونڊيشن فار جسٽس اي ڪي ڊوگر ذريعي داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ ئي سرڪاري سهولتون ۽ پروٽوڪول استعمال ڪري رهيو آهي اهو سڀ عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي ۽ وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ وي آءِ پي پروٽوڪول استعمال ڪرڻ غير قانوني قدم آهي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عدالت وفاقي سرڪار کي عمران خان کان وي آءِ پي پروٽوڪول واپس وٺڻ جو  حڪم جاري ڪري. درخواست ۾ وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن ۽ پنجاب حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Weather Department Today's heat-rising predecessors, the beach closed off

موسميات کاتي پاران اڄ کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي، سامونڊي هوائون بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سامونڊي هوائن بند هئڻ سبب ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے