22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪرمپور: تيغاڻي برادري جي جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌريون مورچابند

Karampur: Murder case from Tegani community not filed*ڪرمپور ويجهو  ڪچي جي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي جهيڙي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 بجاراڻي ڌر جي ميانداد ۽ شاهنواز بجاراڻي ۽ تيغاڻي ڌر جي نانو تيغاڻي جي مارجي وڃڻ کان پوءِ   ٻنهي ڌرين جا ماڻهو بدستور مورچابند آهن جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف واري صورتحال آهي.

 جهيڙي واري علائقي ۾ عام ماڻهو جو اچڻ وڃڻ ڏاڍو مشڪل بڻيل آهي ۽ پوليس پڻ بڪتربند گاڏين کان سواءِ نه ٿي وڃي سگهي.

بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري ۾ ست سال اڳ هڪ  ڌاڙيل جي مارجڻ تان جهيڙو شروع ٿيو جنهن ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 30 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي معذور ٿي چڪا آهن

پوليس هن وقت تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪري سگهي آهي  ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NAB, ISPR, Karachi, Kandhkot

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*ڀارت جي ڌمڪين  جو پاڪ فوج جواب  ڏئي ڇڏيو، جنگ لاءِ تيارآهيون: پاڪ فوج ترجمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے